بولچند سيتائي

بولچند سيتائي: بولچند، جنهن کي بولو مل پڻ چوندا هئا، قابل استاد هو ۽ تعليم جي ميدان ۾ هن وڏو نالو ڪمايو. سيتا ڳوٺ جو هيءُ رهاڪو نه فقط درس ۽ تدريس جي سلسلي ۾ ماهر هو، پر بهترين مصور، ڊزائينر ۽ بت تراش به هو. بهترين پورٽريٽ لئنڊ اسڪيپ ۽ اسڪيچ ٺاهي سگھندو هو. ڪنهن دور ۾ هندن جي گھرن جي ڊزائين، مورتين ۽ تصويرن سينگارڻ واري عمل ۾ بولچند جو وڏو هٿ هيو. هندن جا اڪثر گھر، مندر، پاٺشالائون ۽ پنچائت، گھر هن جي تصويرن ۽ ڊزائينن سان سينگاريل هوندا هئا. هن سيتا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ هڪ هندو عورت ۽ ڪاز پکي جي خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي هئي، جيڪا هن جي هندستان لڏي وڃڻ پڃاڻان به پنجاهه سالن تائين سندس ياد تازا ڪندي رهي ٿي، ان ئي تصوير کان متاثر ٿي، ليکڪ بشير سيتائيءَ کيس هڪ نظم ”بولچند جي نانءَ“ ۾ هن بهترين مصور کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بولچند شاعري به ڪندو هو ۽ ڪجهه ڊراما لکي اسٽيج ڪرايائين. هڪ ناري ديا ٻائي سان سندس عشق مشهور هو، جنهن سان پوءِ شادي ڪيائين. ورهاڱي وقت سيتا ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڀارت هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو